غلام علي فقير زنگيجو

غلام علي فقير زنگيجو : ٽالپر دور جو مشهور شاعر غلام علي فقير زنگيجو مشهور صوفي شاعر روحل فقير جو ٻيو نمبر پٽ هو، فقير غلام عليءَ کي پنهنجي ڀاءُ شاهو خان سان تمام گهڻي عقيدت هئي ۽ طريقت جا سبق به کانئس ورتائين. ڪافيءَ جو باڪمال شاعر هو. سندس هر ڪافي تصوف جي رنگ ۾ رتل هوندي هئي، جنهن ۾جوش ۽ روانيءَ سان گڏ سچيءَ سڪ جو سوز شامل هو. هو فقيري سلسلي ۾ والد روحل فقير جو مريد هو. وڏي ڀاءُ شاهو فقير جي وفات بعد فقيريءَ جي گاديءَ تي ويٺو. غلام علي فقير 1255هه/1839ع ۾ وفات ڪئي. سندس ڪلام ’آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه‘ (دريا خان جي ڪلام) ۾ شامل آهي. غلام علي فقير زنگيجي جي قبر ڪنڊڙي ضلعي خيرپور ۾آهي. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو: ڪافي آيو آهي ڪنهن خواهش کان، اولو ڪري انسان ۾ سهي سر سڃاتو صورت، صورت سندي سلمان ۾، هاديءَ تان پُر پياريو، ڪنهن جوش سندي جولان ۾. عاشق اصل کان آهن، هن حسن جي حيران ۾، ڪنهن شوق کان آلاپي، هن سوز جي سامان ۾. ’شاهو شاهه سمايو‘ هر طرح هر شان ۾، ’غلام عليءَ‘ سر ڏنو، دلبر تنهنجي دان ۾.


لفظ غلام علي فقير زنگيجوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو